عزيز سانگي

عزيز سانگي

عزيز سانگي

عزيز سانگي: اداڪار، هدايتڪار ۽ اسڪرپٽ رائيٽر، عزيز سانگيءَ جو اصل نالو وزير علي آهي. سندس جنم 7 جون 1970ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو. سندس تعليم آءِ. آر ۾ ماسٽرس آهي. کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ سان دلچسپي هئي. هن پنهنجي فن جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. سندس پهريون اسٽيج ڊرامو ‘عشق ته منهنجو’ هو، جنهن بعد هن اٽڪل 30 کن اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري پاڻ مڃايو. جن ۾ عاشقي، دهشتگرد، ڪرائي جا قاتل، ڪوبرا، ڪارو نانگ، ڪاريهر جو موت، جذبات، جنون وغيره قابل ذڪر آهن.
عزيز سانگيءَ جي پي. ٽي. وي ڊرامن ۾: ڇوٽڪارو، وفائن کان پوءِ، ڪي. ٽي. اين جي ڊرامن ۾: تپش، وڪوڙيل وجود، پٿر دنيا، ڪارو سج وغيره قابل ذڪر آهن. هن ‘پٿر دنيا’ ڊرامي ۾ ‘خانو خر دماغ’ جو ڪردار ادا ڪيو. جنهن کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. هن ڪي. ٽي. اين جي ڪجهه سولو ڊرامن جا اسڪرپٽ پڻ لکيا آهن، جن ۾ ڪٽنب، وهم، ۽ ڀروسو اهم آهن. هدايتڪار طور سندس هي ڊراما: ‘لکيو منجهه نراڙ’، ‘منگتو’، ‘ڳاڙها گلاب’، ‘چڻنگ’، ‘ويري ته به واهرو’ وغيره قابل ذڪر آهن.
عزيز سانگي مختلف سنڌي چئنلن جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري چڪو آهي. عزيز سانگي 2017ع ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو. پاڻ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ عزيز سانگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.06.07  عيسوي

اداڪار، هدايتڪار ۽ اسڪرپٽ رائيٽر، عزيز سانگيءَ جو اصل نالو وزير علي آهي. سندس جنم 7 جون 1970ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تسنيم يعقوب
شيخ حسين صفائي ٺٽوي
پروانو سيوهاڻي
حاجي غلام قادر ڪنڀار
بوزدار رحيم بخش خان
سيد سليمان ندوي
رائچند هريجن
حاجي غلام نبي شاهه
دودو-II
آصف اقبال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون